شري ورون ديوتا مندر ڪراچي

شري ورون ديوتا مندر ڪراچي

شري ورون ديوتا جو مندر ڪراچي

شري ورون ديوتا مندر ڪراچي: شري ورون ديوتا جو مندر، منهوڙي ٻيٽ تي ڪراچيءَ ۾ 240 51’ 36’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 0’ 36’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي مندر ورون ديوتا جي نالي سان منسوب آهي ۽ هندو ڪائونسل پاڪستان جي سنڀال هيٺ آهي. روايتن موجب سورهين صدي عيسويءَ ڌاري هڪ مالدار هندو واپاريءَ ڀوڄي مل ڀاٽيا، منهوڙي جو ٻيٽ قلات جي خان کان خريد ڪيو هو. آسپاس جون ڪافي زمينون به ان ۾ شامل هيون. انهيءَ عرصي ۾ ڀوڄي مل جي خاندان وارن اهو مندر ٺهرايو هو، پر ڪهڙي سن ۾ ٺهرايو، مندر جو نالو ‘اوم ويرون ديو مندر’ سنڌيءَ ۾ دروازي تي لکيل آهي. اها مرمت سيٺ هرچند مل ديال داس جي يادگيريءَ ۾ ڪرائي وئي هئي، جيڪو ڀريا، نوشهري فيروز جو ويٺل هو. هن وقت مندر جي عمارت جهري پئي آهي. هاڻي هن مندر ۾ عبادت نه ٿي ڪئي وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو